ٺٽو: ونڊ پاور پراجيڪٽ جون ڪيبلون چورائيندڙ گروهه چوري جي ڪار سوڌو گرفتار

ٺٽي جي جهرڪ پوليس مختلف علائقن مان ونڊ پاور پروجيڪٽ جون ڪيبلون چورائيندڙ گروهه کي ڪار ۽ لکين رپيا ڪيش سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي
ڊي ايس پي قادر خاصخيلي ۽ ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو آهي ته
پالاري ڳوٺ ۾ ڪاروائي ڪندي ونڊ پاور پراجيڪٽ جون ڪيبلون چورائيندڙ گروھ جي 3 جوابدارن جاويد پالاري، مور پالاري ۽ نادر خشال پالاري کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 15 لک رپيا ڪيش ۽ چوري جي ڪرولا ڪار ھٿ ڪئي آهي،
پوليس عملدارن ٻڌايو ته ڪار حيدرآباد جي نسيم نگر ٿاڻي جي حد مان چوري ٿي هئي، جوابدارن جو گروهه ڪمپنين جي پراجيڪٽن جا نَٽ بلٽ، ڪي وي ۽ تانبي جون تارون ۽ ڪيبلون، اينگلس ۽ ٻيو سامان چورائيندڙ آهي.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته جوابدارن کي جديد ٽيڪنيڪل سسٽم جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو، شروعاتي جاچ ۾ جوابدارن ٺٽي سميت مختلف ضلعن ۾ چوري جي وارداتن جا انڪشاف ڪيا آهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.