گرفتاري جو خدشو، ٽرمپ ڪارڪنن کي احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي گرفتاري جي خدشي سبب ڪارڪنن کي احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مين هٽن ڊسٽرڪٽ اٽارني طرفان جاچ جي سلسلي ۾ گرفتار ڪري سگهجي ٿو.

ان حوالي سان ڊونلڊ ٽرمپ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته کيس اڱاري تي گرفتار ڪري سگهجي ٿو.

سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ ريپبلڪن پارٽي جي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ لکيو ته احتجاج اسان جي قوم کي پوئتي وٺي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.