جيڪڏهن ”ضمانت پارڪ“ ۾ رڳو هڪ عورت موجود آهي ته پوليس تي گوليون ڪير پيو هلائي: مريم نواز

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جيڪڏهن ”ضمانت پارڪ“ ۾ رڳو هڪ عورت موجود آهي پر پوليس تي اندران گوليون ۽ پيٽرول بم ڪير هلائي رهيو آهي؟

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته اهي ڪوڙ ڳالهائڻ کان اڳ سوچين به نٿا.

مريم نواز سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي، جنهن ۾ عمران خان جي رهائشگاهه اندران هڪ پيٽرول بم اهلڪارن ڏانهن اڇلايو پيو وڃي.

ن ليگ اڳواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته چيو هو ته هڪ دهشتگرد جماعت آهي، جنهن جي سربراهه قانون ۽ سزا کان بچڻ لاءِ شرپسند ۽ تربيت يافته دهشتگرد پنهنجي گهر ۾ رکيا آهن.

سندس چوڻ هو ته اهڙا منظر اڄ کان اڳ رڳو دهشتگردي جي حوالي سان ڏسڻ لاءِ مليا، شرمناڪ!

هن چيو ته هاڻ خبر پئي جڏهن ان ”دهشتگرد“ کي زبردستي سياست ۾ آندو ويو، تڏهن کان ملڪ فتني ۽ ڏڦيڙ جو شڪار ڇو آهي؟ آڻيندڙ به پنهنجي بدترين انجام تي پهتا، هن جي سياست به پنهنجي انجام ڏانهن وڌي رهي آهي.

مريم نواز چيو ته پاڪستان ۾ سياسي اڳواڻن ۽ سياسي جماعتن سدائين هٿين خالي جدوجهد ڪئي، قربانيون ڏنيون، پي ٽي آءِ کي سياسي جماعت چوڻ يا عمران خان کي سياسي ليڊر چوڻ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪيل سياسي ڪارڪنن جي جدوجهد جي تذليل هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.