اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ هلندڙ سال پوليو جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو. پوليو سان متاثر 3 ورهين جو ٻار بنون جي يونين ڪائونسل گهوڙا بڪا خيل جو رهواسي آهي. اختيارين موجب پوليو سان متاثر ٻار ۽ ان جي خاندان جي ڪا ٽريول هسٽري ناهي. واضح رهي ته ملڪ ۾ هن سال خيبر پختونخواهه، پنجاب ۽ سنڌ ۾ سيوريج نمونن ۾ پوليو وائرس جي نشاندهي ٿي چڪي آهي. 03