ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪلفٽن سي ويو ڀرسان پارڪو لائن ليڪ ٿي وئي.
آئل جي لائن ليڪ ٿيڻ سان لکين رپين جي ماليت جو آئل وهي ويو، ليڪ ٿيندڙ آئل سمنڊ جي پاڻي ۾ ملي ويو.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته لائن رات کان ليڪ آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي ايس ايس پي ڏکن واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ملير شاهه لطيف ۾ به آئل پائپ لائن ليڪ ٿي هئي.