واٽس ايپ اهڙو زبردست فيچر متعارف ڪري ڇڏيو جو توهان جا هوش اُڏي ويندا!

 

واٽس ايپ ڪنهن به تصوير تان لکت ڪاپي ڪرڻ جو انتهائي فائديمند فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو.

اهو فيچر واٽس ايپ جي ”بيٽا“ ايپليڪيشن ۾ ٻه مهينا اڳ ڏنو ويو هو، هاڻ ان کي سڀني آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ واٽس ايپ ايپليڪيشن جي نئين اپ ڊيٽ 23.5.77 ۾ فراهم ڪيو ويو آهي پر ان فيچر مان رڳو اهي آءِ فون واهپيدار فائدو کڻندا، جن جي آءِ فونز ۾ آءِ او ايس 16 موجود آهي.

ڇو ته واٽس ايپ جي اها اپ ڊيٽ آءِ او ايس 16 ايس ڊي تي ڀاڙي ٿي، تنهن ڪري آءِ او ايس 16 جي آءِ فون تي ئي ان فيچر کي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ان فيچر ذريعي توهان جيڪا به تصوير واٽس ايپ تي کوليندئو، ان تي موجود تحرير کي ٽيڪسٽ جي صورت ۾ ڪاپي ڪري سگهندئو.

رپورٽ موجب اهو فيچر مستقبل ۾ سڀني آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ واهپيدارن کي فراهم ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.