عام طور تي اسان ڏينهن ۾ 3 ڀيرا کائيندا آهيون پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اڪثر ماڻهو ڏينهن ۾ رڳو 2 ڀيرا کاڌو کائيندا آهن ۽ اهي به صحتمند رهندا آهن، پوءِ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته نيٺ ڪيترا ڀيرا کائڻ گهرجي؟
يونيورسٽي آف وسڪانسن جي اسڪول آف ميڊيسن اينڊ پبلڪ هيلٿ سان واڳيل محققن انساني جسم کي روزانو گهربل ڪيلوريز بابت جاچ ڪئي.
روزانو کاڌو کائڻ ۾ هڪ وڏي وقفي جا فائدا آهن، ان سان اسان جي جسم کي موقعو ملي ٿو ته هو اهڙن پروٽينس يا ٻين شين کي ٺيڪ ڪري سگهي جيڪيڪنهن سبب جي ڪري کلي نه سگهيا هجن.
پر اهو وقفو ڪڏهن ۽ ڪيترو هجڻ گهرجي؟
ان حوالي سان تحقيق ۾ پروفيسر روزلين اينڊرسن چوي ٿي ته اسان جي جسمن جي ارتقا انٽرمٽنٽ فاسٽنگ جي طرز تي ٿي آهي، ان سان جسم کي موقعو ملندو آهي ته اهو توانائي کي گڏ ڪري ۽ اتي استعمال ڪري جتي ضرورت هجي.
پروفيسر پاولي موجب رات جو کاڌو جلدي کائڻ سان اسان جي خوراڪ ۾ وقفو وڌي ويندو آهي جنهن جا جسم تي هاڪاري اثر پوندا آهن.
پر ڪجهه ماهر اها صلاح ناهن ڏيندا، خاص طور تي شگر جي مريضن کي وري وري کاڌو کائڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي.
ڪجهه ماهر صبح سوير ناشتو ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جو چوندا آهن پر ان جو اهو مطلب ناهي ته اسان کي ناشتو نه ڪرڻ گهرجي پر ننڊ مان جاڳڻ جي هڪ يا ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ناشتو ڪرڻ گهرجي.
ماهرن موجب صبح جي شروعات ۾ ڪيلريز جهجهي مقدار ۾ کائن فائديمند آهي.
رات جو کاڌو کائن دل جي مرضن سميت شگر جا مرض ۽ ٻيون بيماريون ڏئي سگهي ٿو.
ماهر ٻڌائين ٿا ته ڏينهن ۾ 2 يا 3 ڀيرا کائڻ گهرجي.