ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) ملڪ ۾ پئٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ هئڻ ڪري مختلف علائقن ۾ پئٽرول پمپ بند ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏين جي مالڪن کي سخت پريشانين سان منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي. ڪنري ۾ پئٽرول پمپ مالڪن جي مبينا بليڪ ميلنگ ۽ ھٿرادو بحران سبب ٽن ڏينھن کان تيل جي فراھمي بند آھي. ٽن ڏينھن کان فراھمي بند هئڻ خلاف رھواسين احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سرمست رند، علي محمد شيخ، وقار گشڪوري، مجيد چانڊيو، جنيد ڀٽي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته پمپ مالڪ پئٽرول ھئڻ باوجود ٽن ڏينھن کان تيل نه ٿا ڏين، پمپ مالڪن اگھه وڌڻ جي امڪان سبب پمپ بند ڪري ڇڏيا آھن، عوام پريشان آھي. پمپن تي تيل ھجڻ باوجود تيل نه پيو ڏنو وڃي پمپ مالڪن جي بدمعاشي زور آھي. پر انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آھي جڏهن ته خيرپور جي 10کان وڌيڪ مختلف ڪمپنين پئٽرول پمپ بند ڪري ڇڏيا آهن.ان سسلي ۾پئٽرول پمپن جي مالڪن حاجي لالا غفار شيخ مجاهد راجپوت امتياز وساڻ ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائندي چيو ته پئٽرول پمپن کي سپلاءِ ڪندڙ ايجنسين تيل جي کوٽ ڄااڻائي تيل بند ڪيو آهي اسان کي اهو چيو پيو وڃي ته تيل جي کوٽ ٿي وئي آهي، پئٽرول پمپن کي تيل سپلاءِ نه ٿا ڪري سگهون، جنهن ڪري خيرپور ضلعي ۾ مختلف ڪمپنين جا لڳايل پيٽرول پمپ بند ڪيا ويا آهن.