ايپل جون آءِ فونز عام طور تي ٻين ڪمپنين جي ڊوائسز کان وڌيڪ مهانگيون هونديون آهن.
پر هاڻ اها ڪمپني آءِ فون الٽرا جي نالي سان سڀ کان مهانگي آءِ فون متعارف ڪرائڻ تي غور ڪري رهي آهي.
بلوم برگ جي هڪ رپورٽ موجب آءِ فون الٽرا جي قيمت آءِ فون پرو ۽ پرو ميڪس ماڊلز کان وڌيڪ هوندي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايپل جي اها نئين فون 2024 ۾ متعارف ڪرائي سگهجي ٿي.
ان کان اڳ 2022 ۾ بلوم برگ جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته آءِ فون 15 سيريز ۾ الٽرا ماڊل پرو ميڪس جي جاءِ وٺندو.
پر نئين رپورٽ موجب ايپل طرفان وڌيڪ طاقتور ۽ مهانگي آءِ فون ماڊل کي الڳ متعارف ڪرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.