اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شيخ رشيد خلاف سڄي مُلڪ ۾ ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري اڄ ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو .
لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد خلاف اسلام آباد ۾ داخل ڪيس جهڙي الزام تحت وڌيڪ ڪا به ايف آءِ آر نه ڪٽي وڃي.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته شيخ رشيد خلاف اسلام آباد ۾ داخل ڪيس جهڙي الزام تحت ڪا به ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وڃي، جڏهن ته سندس خلاف ان ئي الزام تحت نئين ايف آءِ آر عدالتي اجازت سان مشروط هوندي.
عدالت چيو ته شيخ رشيد جي درخواست تي اسٽي آرڊر ايندڙ ٻڌڻي تائين رهندو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪياماڙي ۽ لسٻيلي ۾ شيخ رشيد خلاف داخل ڪندڙ ڪيسن جي فريادين کي به نوٽيسز جاري ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي نوَ فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.