مُلڪي معيشت ڏکيائين جو شڪار، عالمي اداري خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) مشهور برطانوي رسالي فنانشل ٽائمز پاڪستاني معيشت جي خراب صورتحال ۽ پيش ڏکيائين تي خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي.

برطانوي رسالي پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته پاڪستان تباهي جي ڪنڌي تي آهي، ايٽمي طاقت ۽ ان کي قرض ڏيندڙ ڊيفالٽ کان بچڻ لاءِ سخت قدم کڻي رهيا آهن، مُلڪي ڪرنسي انتهائي بري طرح متاثر ٿي آهي.

فنانشل ٽائمز جو چوڻ آهي ته گذريل مهيني جي آخر ۾ پاڪستان جا مٽاسٽا ذخيرا گهٽجي رڳو 3 ڏهائي 7 بلين ڊالر وڃي بچا هئا، چين، آءِ ايم ايف ۽ پئرس ڪلب کي پاڪستان کي قرض ڏيڻ وارين ڳالهين ۾ تيزي آڻڻ جي ضرورت آهي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي ويجهڙائي ۾ بجلي بريڪ ڊائون، موسمياتي تباهڪاري ۽ دهشتگري جو به منهن ڏسڻو پيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.