”موت سان فوت سپنا نه ٿا ٿي سگهن“

امتياز دانش

گذريل سال 2022 جي 6 فيبروريءَ تي نمونيا، بخار ۽ ڪورونا سان ڪيترن ئي ڏينهن کان جهيڙيندي پاڪ _ هند جي ليجنڊري گائيڪا لتا منگيشڪر پنهنجي زندگيءَ جي جنگ هارائي وئي. سندس وڇوڙي تي رڳو موسيقيءَ جي دنيا تي سوڳ طاري نه هو پر هر اهو ماڻهو به سوڳ ۾ ورتل هو، جيڪو پنهنجيءَ دل ۾ درد رکي ٿو. هر ماڻهوءَ جي سندس هن ڪلام جهڙي ڪيفيت هئي.

دل ہوم ہوم کرے گھبرائے

هوءَ برِصغير جي اها خوشنصيب گائيڪا هئي، جنهن جو ٻن صدين تائين نه رڳو عشق جي روڳ ۾ ورتل دلين تي راڄ رهيو پر پنهنجي من موهيندڙ آواز جي ڪري الائي ڪيترن نسلن جي دلين جي ترجمان به رهي. پاڪ _ هند جو اهڙو ڪهڙو ماڻهو نه آهي، جنهن لتا کي نه ٻڌو هجي؟ هوءَ جُڳ کان موسيقيءَ سان چاهه رکندڙ ماڻهن جي دل ۾ وسندي پئي اچي. برصغير جي تاريخ تي نظر وڌي وڃي ته خطي ۾ نه پهرين لتا جهڙي گائيڪا پيدا ٿي آهي ۽ نه وري کانئس پوءِ اهڙي گلوڪارا پيدا ٿيندي. هوءِ 28 سيپٽمبر 1929 ع ڌاري ڀارت جي رياست مڌيا پرديش جي شهر اندور ۾ پنهنجي دور جي مشهور گلوڪار ۽ اداڪار دينا ناٿ جي گهر ۾ ڄائي. تنهنڪري ننڍپڻ کان ئي سندس ڪنن ۾ ساز، سُر ۽ آواز ٻُريو. هوءَ سمجهه ڀري ٿي ته سندس موسيقيءَ ڏانهن لاڙو ٿيو. هن شروع ۾ موسيقيءَ جي سکيا پنهنجي پتا کان ورتي. پوءِ مختلف استادن کان سکيا ورتي. هن 13 سالن جي ڄمار ۾ پهريون ڀيرو هڪ ميراٺي فلم ۾ ڳايو ۽ پوءِ قسمت مٿس مهربان رهي. هن شروع ۾ فلمي دنيا جا وڏا چڪر ڪاٽيا پر سنهڙو آواز هجڻ ڪري ڪنهن به موسيقار کيس ڪم نه ڏنو. هن موسيقارن جي اهڙي رويي تي ڪڏهن به همت نه هاري ۽ اڃا به وڌيڪ محنت ڪئي. ڀارت جي فلمي دنيا ۾ هڪ اهڙو به دور آيو جو هر فلم لتا جي آواز کان اڌوري سمجهي ٿي وئي. لتا جي ڪويل جهڙي آواز فلمن کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا. فلمي دنيا ۾ 1974ع کان 1991 ع تائين سڀ کان وڌيڪ گانا هن ريڪارڊ ڪرايا، جنهنڪري سندس نالو گينيز بڪ آف ورلڊ ۾ شامل ڪيو ويو.

قدرت لتا جي آواز ۾ ٻيجل جي چنگ جهڙو اهڙو ته موهه رکيو هو جو جيڪو به سندس آواز ٻڌندو هو، اهو ان تي موهجي پوندو هو. 1960 ع واري ڏهاڪي ۾ ڀارت جي مشهور فلم ” مغلِ اعظم“ ۾ لتا ” پیار کیا تو  ڈرنا کیا “ ڪلام ڳايو ته ريتن ۽ رسمن جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ ڇوڪرين ۾ جرئت ۽ همت پيدا ٿي ۽ هندستان ۾ الائي ڪيتريون ڇوڪريون اهو ڪلام ٻڌي پنهنجي گهرن مان پنهنجي پريمين سان نڪري ويون.

لتا 1940 ع کان 2000 ع تائين ڀرپور ڳايو. عمر وڌڻ ڪري هن ڳائڻ گهٽ ڪري ڇڏيو پر ڇڏيو نه. هوءَ 2015 ع تائين پنهنجي مڌر آواز وسيلي ماڻهن جي دلين کي موهيندي رهي. هن نئين صديءَ ۾ فلم ” محبتیں “ ۾ ” ہم کو   ہم سے چُرالو“ ۽ ”کبھی خوشی کبھی غم “ ۾ ڪلام ڳايو پوءِ ڪنهن به فلم ۾ نه ڳايو. هن رڳو اردو ۾ نه ڳايو پر ٻين ٻولين جهڙوڪ سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، گجراتي ۽ ميراٺيءَ ۾ به ڳايو. سنڌيءَ ۾ ڳايل سندس ” منهنجا سپرين“ ۽ ٻيا اهڙا ڪلام اڄ به مشهور آهن. هن پنهنجي سڄي ڄمار موسيقيءَ کي ارپي ڇڏي. موسيقي سندس عشق هئي. جنون هئي. سُرُور هئي. ڪل ڪائنات هئي. جنهنڪري هن پنهنجو گهر به نه وسايو. يعني شادي به نه ڪئي. هوءَ موسيقيءَ جي مامري ۾ حساس به هئي ته سخت به. جڏهن محمد رفيع کي بنهه سادو هجڻ ڪري فلم جا مالڪ تمام گهٽ معاوضو ڏيندا هئا ته ان تي لتا جا ساڻس اختلاف ٿي پيا ۽ اهي آخر تائين برقرار رهيا ۽ هن رفيع جي مقابلي ۾ ڪشور، طلعت ۽ ٻين فنڪارن کي اڳيان آندو. لتا جي ان ڳالهه کي ناڪاري انداز ۾ نه سمجهيو وڃي. هن چاهيو پئي ته گلوڪارن جو قدر ٿئي. هو جيتري محنت ڪن ٿا کين ايترو معاوضو ڏنو وڃي ته جيئن سندن زندگيءَ جو چرخو صحيح نموني هلي سگهي ۽ کين ڏکئي وقت ۾ ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻو نه پوي. اهڙيءَ ريت موسيقيءَ جي مامري تي لتا جا پنهنجي گلوڪارا ڀيڻ آشا ڀوسلي سان به اختلاف رهيا.

لتا اردو جي تمام خوبصورت شاعرن ساحر لڌيانوي، گلزار ۽ ٻين جي شاعري ڳائي ان کي موسيقيءَ جي دنيا ۾ امر ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ ريت هندستان جي وڏن موسيقارن نوشاد، ايس ڊي برمن، آي آر رحمان ۽ ٻين جي خوبصورت ڌنن کي پنهنجو خوبصورت آواز ڏنو. انهن خوبين سان لتا جي ڪلامن کي هڪ اها به خوبي حاصل آهي ته سندس ڪلامن تي هندستان جي مڌو بالا کان ويندي جيا پرادا، ريکا کان ويندي سري ديوي ۽ ماڌوري کان ويندي ڪاجل تائين اڪثر وڏين اداڪارائن پرفارمنس ڪري پنهنجا چَپَ چَوريا ۽ محمد رفيع کان ويندي سونو نگم تائين سندس دور جي وڏن فنڪارن ساڻس گڏ ڳايو. هن هر طرح جي موسيقي ڳائي. هن لوڪ موسيقي ۾ به ڳايو ته ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل ۾ به ڳايو. هن غزل به ڳايا ته نعمتون به چيون. هوءَ موسيقيءَ ۾ هر فن مولا هئي. هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ مهدي حسن لاءِ چيو هو ته هو جڏهن ڳائيندو آهي ته سندس ڳلَي ۾ ڀڳوان ڳالهائيندو آهي پر سچ اهو به آهي ته هوءَ جڏهن سُر ڇيڙيندي هئي ته سندس آواز ۾ سڄي خدائي لهي ايندي هئي. سندس آواز نه ماکيءَ جي لار هجي. ستار هجي. موکيءَ جي مڌ جو خمار هجي. سُرُور هجي. جيڪو ٻڌڻ واري کي الائي ڪهڙي دنيا ۾ کڻي وڃي.سچ ۾ هوءَ سُرن جي ديوي هئي.

ننڍي کنڊ جي مهان گائيڪا لتا کي موسيقيءَ جي دنيا ۾ ان شخصيت متعارف ڪرايو، جنهن ميڊم نورجهان کي متعارف ڪرايو ۽ اها شخصيت هئي ماسٽر غلام حيدر جي، جنهن جي ڪاوشن سان لتا اڳتي نڪري آئي ۽ ايترو ته اڳتي نڪري آئي جو سُر ۽ ساز تي سندس ڇاپ ڇانئجي وئي. لتا کانپوءِ موسيقيءَ جي دنيا ۾ آيل گلوڪارن نه رڳو سندس اثر ورتو پر سندس ڳايل ڪلامن کي ڳائي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ به پيدا ڪئي.

هونئن ته لتا پنهنجي فني سفر ۾ چار ڀيرا 1959 ، 1963 ، 1966 ع ۽ 1970 ع ۾ فلم فيئر ايوارڊ حاصل ڪيو پر سندس خدمتن عيوض ڀارت جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ ” ڀارت رتنا“، ” پدم ڀوشن“، ” پدما وي ڀوشن“، ” مهاراشٽر“ ۽ ” اين ٽي آر نيشنل“ ايوارڊ مليو. هن لاءِ سڀ کان وڏو ايوارڊ ماڻهن جو پيار هو، جيڪو کيس هر دور ۽ هر نسل جي ماڻهوءَ کان مليو. ان حوالي سان هن هڪ تقريب ۾ چيو هو ته ” ميوزڪ منهنجي زندگي آهي. ان جي ڪري ئي مون کي سڀ ڪجهه مليو. نانءُ مليو. سڃاڻپ ملي. شهرت ملي. عزت ملي.  اڄ هر هنڌ ماڻهو مون کي سڃاڻين ٿا. مون کي اهڙا ڪيترائي خط ايندا رهن ٿا، جن ۾ لکيل هوندو آهي ته اسين اوهان سان ملڻ چاهيون ٿا. اوهان کي ڏسڻ چاهيون ٿا. اوهان جي قدمن کي ڇهڻ چاهيون ٿا. مون کي اڄ ڏينهن تائين جيڪو ڪجهه مليو آهي، اهو ماڻهن جو پيار آهي. انسان کي زندگيءَ ۾ پيار ملي، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شيءِ ٿي سگهي ٿي.“

لتا هڪ جينيئس گلوڪارا هئي. آخر تائين پنهنجي فن سان مخلص رهي. شيخ اياز صحيح چيو هو ته ” موت سان فوت سپنا نه ٿا ٿي سگهن، جيئن ماڻهو مرن تيئن ماڻهو مچن.“ لتا موسيقيءَ جي جيتري خدمت ڪئي، ان جي بدلي ۾ جيڪو کيس زندگيءَ ۾ پيار مليو، اهو کيس مئي پڃاڻان به ملندو رهندو ۽ هوءَ سرُ ۽ ساز جي دنيا ۾ سندائين امر رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.