منير اڪرم افغان عورتن جي تعليم بابت تڪراري بيان تي معافي وٺي ڇڏي

نيويارڪ ( م ڊ ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم افغانستان ۾ عورتن جي تعليم جي حوالي سان پنهنجي بيان تي سخت تنقيد کانپوءِ معافي وٺي ڇڏي آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي اداري ۾ افغانستان جي باري ۾ آگاهي ڏيندي بيان ڏنو هوته طالبان حڪومت طرفان عورتن جي تعليم تي پابندي جو فيصلو مذهبي نقطي کان وڌيڪ پشتون ثقافت سان آهي.هن چيو هوته پشتون ڪلچر ۾ عورتن جو گهر ۾ رهڻ ضروري آهي ۽ اِها حقيقت سوين سال گذري وڃڻ باوجود ناهي بدلي.هاڻي سخت تنقيد کانپوءِ منير اڪرم معافي گهري ورتي آهي، ان ڏس ۾ هن چيو ته منهنجن تبصرن سبب ٿيندڙ دل آزادي تي معذرت ڪيان ٿو.هن وڌيڪ چيو ته منهنجا لفظ پاڪستان جي صحيح عڪاسي نٿا ڪن، عورتن ۽ نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪڻ نه اسلامي ڪلچر آهي ۽ نه ئي پختون ڪلچر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.