پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخوا جي ڪي پي جي گورنر حاجي غلام علي چيو آهي ته پشاور پوليس لائنز ۾ آپگهاتي ڌماڪو قومي سانحو آهي، پوليس جوانن جي شهادت تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.پنهنجي هڪ بيان ۾ گورنر ڪي پي چيو ته مسئلن جي حل لاءِ سياسي پارٽين ۽ ادارن جي گڏجاڻي ٿيڻ گهرجي، عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ صلاح مشورا ضروري آهن.هن وڌيڪ چيو ته چيو ته لاش کڻڻ بدران ووٽرن لاءِ آزاد ماحول پيدا ڪرڻ ضروري آهي، پوليس جي جوانن قوم لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.