لاهور ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو.پنهنجي وڊيو خطاب ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته اسان وٽ ٻه رستا آهن، هڪ مُلڪ گير هڙتال، مُلڪي معيشت جي اهڙي حالت آهي جو ڦيٿي جام هڙتال سان حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون، ڪارڪنن کي چوان ٿو ته جيل ڀريو تحريڪ جي تياري ڪن ۽ منهنجي اشاري جو انتطار ڪن، جلد جيل ڀريو تحريڪ جو سڏ ڏيندس.هن ن ليگ قائد نواز شريف جي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پي ٽي آءِ کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ جو مقصد ميدان تان هٽائڻ آهي ته جئين هڪ ڀڳوڙو شخص لنڊن مان واپس اچي ۽ چونڊون کٽي سگهي، مٿس هن وقت سٺ کان وڌيڪ ڪيس آهن، مخالفن جو منصوبو اِهو هو ته عمران خان کي جيل ۾ وڌو وڃي، ڳالهائڻ وارن جو وات بند ڪيو وڃي.هن چيو ته شهباز شريف ڪي پي ڪي ۾ ڊي اين اي ليب نه جوڙڻ جو الزام مڙهيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ حڪومت ٻه هزار سترنهن ۾صوبي ۾ خيبر ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊي اين اي ليبارٽري ٺاهي چڪي آهي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ رڳو پنجاب ۽ خيبرپختونخوا پئسا ڏنا، جڏهن کان پي ڊي ايم حڪومت آئي آهي 55 ارب رُپين مان پنج ارب ڪي پي کي ڏنا ويا آهن، انهن جو منصوبو آهي ته تحريڪ انصاف کي ڊيڄاري، ڌمڪائي ڪمزور ڪيو وڃي، اُهي ماڻهو جي اسان جا مخالف هئا کين ٻنهي صوبن ۾ سگهارو ڪيو ويو، هن چيو ته اسان سڀ جيل ڀريو تحريڪ جي تياري ڪيون ته جيئن جيلن ڀرڻ جو حڪمرانن جو شوق پورو ٿئي، هن چيو ته پاڪستان ۾ 50 سالن جي بدترين مهانگائي آهي، هن وقت عام انسان جيڪي شيون خريد ڪندو آهي، اٽي جو اگهه 60 رپين مان 150 رپيا تائين پهچي چڪو اهي، گئس، بجلي، گيهه ۽ تيل مهانگا ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ مهانگا ٿيڻ وارا آهن، اڄ پاڪستان جا ناڻي ذخيرا ان سطح کان به هيٺ پهچي چڪا اهن جڏهن اسان ايٽمي ڌماڪا ڪيا هئا، هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي دل جي تڪليف پهچائڻي آهي ته ڀارت جا چئنل ڏسو ته اهي ڪيئن پاڪستان جو نالو وٺي چئي رهيا آهن ته رڳو 9 مهينن ۾ ملڪ ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويو، امپورٽڊ ماڻهو ڀڄڻ جي تياري ڪري رهيا آهن، هن چيو ته هتي انصاف ختم ڪيو ويو آهي،پاڪستان جهنگ جي قانون ڏانهن نڪري پيو آهي، اڄ سڄو پاڪستان عدليه ڏانهن ڏسي رهيو آهي، حڪمران اتحاد اليڪشن کان ڊنل آهي، اهي ملڪ کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن، سياسي استحڪام کان بغير حالتون ٺيڪ نٿيون ٿي سگهن، هن چيو ته 18 ڏينهن ٿي ويا آهن ٻنهي گورنرن اليڪشن جي تاريخ ناهي ڏني، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار پهرين آءِ ايم ايف کي ڌمڪيون ڏيندو هو هاڻي گوڏا کوڙي ڇڏيا اٿس