پنگريو ٽنڊو باگو روڊ اکڙي ويو، حادثا روز جو معمول بڻجي ويا

پنگريو ( رپورٽ آصف ويڙھو) پنگريو کان ٽنڊو باگو روڊ زبون حالي جو شڪار ھڪ سال ھڪ سنڌ گورنمنٽ پاران ٽنڊر ٿيڻ باوجود روڊ جو  تعميراتي ڪم شروع نه ٿي سگھيو مسافر سخت پريشان پنگريو کان ٽنڊو باگو روڊ گذريل 10 سالن کان زبون حالي جو شڪار ٿي ويو آھي جنھن ڪري پنگريو کان حيدرآباد پنگريو کان ڪراچي روٽ تي ھلندڙ ٽريفڪ مڪمل بند ٿي ويئي آھي جنھن ڪري پنگريو شھر ۽ آسپاس جا رھواسي سفري سھولتن کان محروم بڻجي ويا آھن روڊ به ھئڻ ڪري بيمار مريض اسپتالن۾ پھچڻ کان اڳم دم ڌڻي حوالي ڪريو ڇڏين جڏھن ته روڊ جي سھولت نه ھئڻ ڪري شھرين جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رھيو آھي . پنگريو کان ٽنڊو باگو روڊ نه ھئڻ ڪري پنگريو شھر جون اڪثر برادريون ميمڻ ڪنڀار کٽي.لڏ پلاڻ ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ وڃي آباد ٿيا آھن جنھن ڪري تعلقي ٽنڊو باگو جو ھڪ صدي پراڻو شھر پنگريو اجڙي ويو آھي سنڌ۾ 15 سالن کان پپلز پارٽي جي حڪومت آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.