وهاڙي: گارڊ جي بس هوسٽس سان لڄالٽ، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل

 

وهاڙي (ويب ڊيسڪ) وهاڙي ۾ مسافر بس ۾ 18 ورهين جي بس هوسٽس کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو.

پوليس موجب بس جي گارڊ هٿيارن جي زور تي بس هوسٽس کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويو، جنهن کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو.

پوليس ٻڌايو ته واقعو هلندڙ بس ۾ ميلسي کان وهاڙي ايندي پيش آيو، بس جا سمورا مسافر ميلسي تي لهي ويا هئا ۽ بس وهاڙي اسٽينڊ تي اچي رهي هئي، گارڊ بس کي لاڪ ڪري ناريءَ سان لڄالٽ ڪئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته زيادتي جو شڪار ناري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب دانيوال ٿاڻي پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار شيراز ۽ بس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي، بس جو ڊرائيور مدد جي حد تائين ملوث آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.