پشاور سانحو، آپگهاتي بمبار جي سهولتڪار سان گڏ تصوير سامهون اچي وئي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پشاور پوليس لائنز ڌماڪي ڪيس ۾ جاچ دوران اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.

جاچ ٽيم موجب آپگهاتي بمبار ڌماڪي لاءِ اڪيلو نه آيو پر کيس هدف تائين سهولتڪار پهچايو ۽ اُهو رنگ روڊ تائين بمبار سان گڏ ئي موٽرسائيڪل تي سوار هو.

پشاورپوليس لائنز جي مسجد ۾ آپهگاتي ڌماڪي ۾ سئو کان وڌيڪ نمازي شهيد ٿيا هئا
پشاور پوليس لائنز جي مسجد ۾ آپهگاتي ڌماڪي ۾ سئو کان وڌيڪ نمازي شهيد ٿيا هئا

جاچ ٽيم جو چوڻ آهي ته سهولتڪار موٽرسائيڪل هلائي رنگ روڊ تائين آيو جڏهن آپگهاتي بمبار پويان ويٺو هو، بعد ۾ هو رنگ روڊ تي لهي ويو هو.

جاچ ٽيم  سهولتڪار جا فوٽيجز به حاصل ڪري ورتا آهن جنهن کانپوءِ سندس ڳولا لاءِ ڇاپا مار ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.