لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پارٽي ظابطن جي ڀڃڪڙي تان پي ٽي آءِ مان نيڪالي ڏيڻ کانپوءِ عظميٰ ڪاردار مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿي وئي آهي.
ن ليگ جي چيف آرگنائزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز گذريل ڏينهن عظميٰ ڪاردار سان ملاقات ڪئي، جنهن بعد عظميٰ ڪاردار پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي مريم نواز سان گڏ تصوير جاري ڪندي ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
میں نے پاکستان مسلم لیگ ن میں باقاعدہ شمولیت اختیار کرلی ہے.
نائب صدر ن لیگ مریم نواز سےخصوصی ملاقات pic.twitter.com/axbyNBCT1L— Uzma Kardar (@UzmaKardar) January 30, 2023
عظميٰ ڪاردار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ علان ڪيو ته سندس مريم نواز سان خاص ملاقات ٿي ۽ مان باظابطا طور ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي.