مُلڪ ۾ مهانگائي جي شرح تاريخ جي بلند ترين سطح تي، شماريات کاتي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾مهانگائي جي شرح ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.

شماريات کاتي ماهوار مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا جنهن موجب جنوري دوران مُلڪ ۾ مهانگائي جي شرح ٻه ڏهائي نوَ سيڪڙو وڌا رڪارڊ ڪئي وئي ۽ مُلڪ ۾ مهانگائي 27.6 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي آهي.

شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب جولاءِ ٻه هزار ٻاويهه کان جنوري ٻه هزار ٽيويهه تائين مهانگائي جي مجموعي شرح پنجويهه ڏهائي چاليهه سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته جولاءِ ٻه هزار ايڪويهه کان جنوري ٻه هزار ٻاويهه  تائين مهانگائي جي گڏيل شرح 10.26 سيڪڙو رهي.

شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته جنوري ۾ شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح ٻه ڏهائي چار سيڪڙو واڌ ٿي ۽ شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 24.4 سيڪڙو رهي جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ جنوري دوران مهانگائي جي شرح ٽي ڏهائي ڇهه سيڪڙو جي واڌ رڪارڊ ڪئي ۽ اتي مهانگائي جي شرح 32.2 سيڪڙو هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.