عرفي جاويد نئين فون لاءِ صحافين کان هڪ هڪ هزار گهري ورتو

ڀارت جي مشهور تڪراري ماڊل عرفي جاويد صحافين سامهون اسٽنٽ ڏيکارڻ لاءِ فون زمين تي ڦٽي ڪيو پر ڀڄي پيو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Telly Talk (@tellytalkindia)

ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي ۾ عرفي جاويد حسب روايت غيرروايتي ڪپڙن جي تشهير ۾ مصروف هئي ته صحافين هن کان فرمائش ڪئي ته هوءَ فون سان ڪرتب ڏيکاري.

رپورٽ موجب ان تي عرفي جاويد زمين تي فون ڦٽي ڪئي،جنهن تي عرفي جو فون ٽٽي پيو،هن چيو ته هاڻي سڀ هڪ هڪ هزار رپيا ڪڍو ته نئون فون خريد ڪندم.

ان تي هڪ صحافي چيو ته فون بلڪل ايئن ڌوڪو ڏنو جيئن ننڍا ٻار ڏيندا آهن سڄو ڏينهن نچندا رهندا آهن جڏهن مهمان گهر ايندا آهن ۽ والدين ڊانس لاءِ چوندا آهن ته ڊانس ناهن ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.