ڪلوئي ۾افشانه جي مبينا آپگهات تي عدالتي نوٽيس بعد ٿرٿلو، جرڳو ڪري خون لوڙهيو ويو

ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ) ڪلوئي ڪجھ وقت اڳ نياڻي افشانه سومرو کي زوري زبردستي اغوا ڪرڻ بعد جرڳو ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو جرڳي کانپوءِ نياڻي افشانه سومرو خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏي اھڙي خبر عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ کانپوءِ ھائي ڪورٽ نوٽيس وٺي ڊي آئي جي ميرپورخاص ايس ايس پي ٿرپارڪر ايس ايڇ او ڪلوئي کي طلب ڪري ورتو تفصيل وٺي ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڊي اين اي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو ھن کان پوء جوابدارن مٿان ڪلوئي ٿاڻي تي ڀاء زاھد سومرو جي بدعيت ۾ چار جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو ھو  جيڪو ھن وقت ٻه جوابدار گرفتار ھڪ ضمانت تي آزاد ھڪ جوابدار روپوش آهي گذريل ڏينهن تاريخ ھئي جيڪو عدالت سڳوري ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي رات دير سان ناري افشانه سومرو جي ڪيس جو جرڳو ڪري جوابدارن جي وارثن ناري جي تڏي تي وڃي تڏو بخشرايو اھڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ سماجي اڳواڻن سڄاڻ ڌرين پاران ھائي ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو نوٽيس وٺي ناري جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ڪلوئي پوليس حد ۾ قتل ٿيل افشانه سومرو جي ڪيس جو 13 لکن عيوض جرڳو ڪري خون معاف ڪجھ عرصو اڳ ۾ پوليس اسٽيشن ڪلوئي جي حد ۾ افشانه سومرو جي ڪيس جي سنڌ ھائيڪورٽ جي نوٽيس وٺڻ بعد جوابدار گرفتار ڪيا ويا جن جي ھائيڪورٽ سنڌ به ضمانت رد ڪري ڇڏي جيڪي اڃان تائين جيل ۾ آھن جنھن کان پوءِ رات جرگو ڪري 13 لک عيوض خون جو فيصلو ڪيو ويو سنڌ ۾ وارثن تي دباءُ وجھي اھڙن جرگن ذريعي قتل جا ڪيس لوڙھيا پيا وڃن سنڌ ھائيڪورٽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي نوٽيس وٺي افشانا سومرو جي قتل ڪيس لوڙھڻ وارن بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري افشانه سومرو سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.