فواد اسپتال پهرين جيل بعد ۾ ويندڙ پهريون اڳواڻ آهي: عطا تارڙ

پنڊي ڀٽيان (م ڊ) پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ وزيراعظم جي خاص معاون عطا تارڙ  گذريل ڏينهن سوئي گيس هاءِ ٽرانسميشن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي خاص معاون عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ساڍن ٽن سالن ۾ مسئلن جا پهاڙ بيهاري ڇڏيا هئا فواد چوڌري واحد ماڻهو آهي، جيڪو جيل بعد ۾ ويو ۽ اسپتال پهرين ويو. هي اهي ماڻهو آهن جن کي جيل جي نالي کان خوف ايندو آهي، جڏهن سندن جيل وڃڻ جو وارو ايندو آهي، ته دانهون نڪري وينديون آهن. مصدق ملڪ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مسلم ليگ (ن) جا ڪارڪن شينهن آهن، گيس جي رٿا سان گئس ڪنهن چوڌري جي گهر نه پر غريب جي گهر به ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.