سياسي پارٽيون اختلاف ختم ڪري گڏ نه ٿيون ته ملڪ عدم استحڪام جو شڪار ٿيندو: فافن

اسلام آباد( م ڊ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ خبردار ڪيو آهي ته سياسي پارٽيون اختلاف ختم ڪري گڏ نه ٿيون ته ملڪ عدم استحڪام جو شڪار ٿيندو. فافن رپورٽ ۽ سفارشن ۾ چيو آهي ته عام چونڊن کان اڳ سياست ۾ پئسي جي استعمال، چونڊ نتيجن جي انتظامن ۽ سمنڊ پار شهرين جي ووٽ بابت اتفاق راءِ گهرجي . هن چيو ته سياسي پارٽيون موجوده قانوني فريم ورڪ جي ڪمزورين کي ختم ڪن، ملڪ سياسي طور ڪمزور رهيو ته ڪمزور معيشت تي برو اثر ٿيندو. فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ سياسي پارٽين تي زور ڏنو ته عام چونڊن ۾ 7 مهينا بچيا آهن، شفاف چونڊن لاءِ چونڊ طريقيڪار ۾ تبديلي آڻين. 2014ع وانگر سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي نمائندن تي ٻڌل  گهڻ جماعتي ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ هڪ اتفاق راءِ وارو چونڊ قانون منظور ڪيو وڃي. فافن موجب چونڊ نظام کي سوشل ميڊيا جي وڌندڙ اثر جهڙا به مسئلا آهن. سوشل ميڊيا سياسي پارٽين کان سواءِ منع يا بندش پيل ذريعن جي مهمن جي مالي سرپرستي شروع ڪئي آهي. چونڊن ۾ سياسي پارٽين جي خرچ جي حد مقرر ڪئي وڃي ۽ ڀڃڪڙي تي سزا ڏني وڃي. اليڪشن ڪميشن اميدوارن جي سوشل ميڊيا استعمال ۽ ٻين خرچن جي جاچ پڙتال يقيني بڻائي وڃي. اليڪشن ڪميشن کي چونڊ نتيجن ۾ خودمختيار بڻايو وڃي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.