اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي 33 خالي سيٽن تي ننڍي چونڊ جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل شيڊيول موجب قومي اسيمبلي جي 33 خالي سيٽن تي ننڍي چونڊ 16 مارچ تي ٿيندي، نامزدگي ڪاغذ 6 کان 8 فيبروري تائين جمع ڪرائي سگهبا. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 13 فيبروري تائين ٿيندي.