ٽنڊو غلام حيدر ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ، فيصلو ڪندِڙ زخمي

ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ڏندو ٿاڻي جي حد ڳوٺ الهڏنو ابڙو ۾ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سنڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب سنڱاوتي تڪرار جو فيصلو ڪندڙ الهڏنو ابڙو سخت زخمي ٿي پيو،جڏهن تہ زخمي کي وارثن پاران ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال پهچايو  جتان فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد زخمي الهڏنو ابڙو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سيول اسپتال ريفر ڪيو ويو. ،هوڏانهن ڏندو پوليس پاران زخمي کي اعلاج لاءِ ليٽر ڏئي رپورٽ داخل ڪري ورتي جڏهن تہ آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو بہ ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.