نازيبا وڊيوز ڪيس: دانيا بي بي لاءِ بُري خبر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مرحوم قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جي نازيبا وڊيوز وائرل ڪرڻ جي ڪيس ۾ دانيا بي بي تي فرد جرم لاڳو ٿي ويو.

ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ڪيس ۾ دانيا بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو پر عامر لياقت جي بيواهه ڏوهه تسليم نه ڪيو.

ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان جو نالو ڇا آهي؟ جنهن تي جوابدار چيو ته دانيا شاهه، عدالت جي پڇڻ تي هن پيءَ جو نالو مختيار ملڪ ٻڌايو.

عدالت ريمارڪس ۾ چيو توهان تي الزام آهي ته توهان عامر لياقت جون وڊيوز ٺاهيون ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون، جنهن تي دانيا وراڻيو ته اها منهنجي خلاف سازش آهي، اهو ان ڪري چيو پيو وڃي ڇو ته مان عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ پئي چاهيو.

عدالت ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي شاهدن کي ٻه فيبروري تي طلب ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.