سجاول ۾جعلي ڊوميسائل معاملي جي جاچ جاري، ڪلارڪ خلاف ڪارروائي

سجاول (رپورٽ:منظور ميمڻ) سجاول ڊي سي آفيس مان جعلي صحيحن سان ڊوميسائل جاري ڪرڻ واري معاملي جي رپورٽ ڪمشنر  حيدرآباد حوالي ڪئي وئي جڏهن ته  الزام ھيٺ آيل ڪلارڪ خلاف محڪماتي ڪارروائي شروع ڪئي وئي. ڊوميسائل برانچ جي ھٽايل انچارج جي جاءِ تي ٻيو انچارج مقرر ڪيو ويو، رڪارڊ بدستور سيل.رپورٽ موجب  ڊي سي آفيس سجاول مان 400 کان وڌيڪ جعلي ڊوميسائل جاري ڪيا ويا، جن بابت انڪشاف ٿيو ھو ته جاري ڪيل ڊوميسائلن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جون جعلي صحيحون ڪيون ويون ھيون، اھڙو انڪشاف ٿيڻ تي ڊوميسائل برانچ سيل ڪري الزام ھيٺ آيل انچارج جميل ميمڻ کي ھٽائي سندس جاءِ تي ڪاشف ميمڻ کي انچارج مقرر ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ڊوميسائلن جو رڪارڊ بدستور سيل آھي، ان ڏس ۾ ڊي سي سجاول امتياز ابڙو ٻڌايو ته معاملي جي رپورٽ ڪمشنر حيدرآباد کي موڪلي وئي آھي ۽ الزام ھيٺ آيل انچارج خلاف محڪماتي ڪارروائي لاءِ انڪوائري شروع ڪئي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.