سنڌ ۾ٽرانس جينڊرن جي نئين ڊيٽا گڏ ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي(رپورٽر) انساني حقن واري قومي ڪميشن جي ميمبر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير انيس ھارون چيو آهي ته ٽرانس جينڊر تي تشدد، جنسي  حراساني جي واقعن، تعليم جي کوٽ، بيروزگاري ۽ صحت جي سھولتن سميت ٻيا ڪيترائي مسئلا آهن، تعداد جي حوالي سان درست انگ اکر نه ھئڻ ڪري ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ٻوڏ متاثر کدڙن کي ڪو به امداد نه ٿو ڏئي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن ڪراچي جي مقامي ھوٽل ۾ انساني حقن واري قومي ڪميشن، پيس ۽ جسٽس نيٽ ورڪ ۽ يو ايس ايڊ پاران گڏيل طور تي ٽرانس جينڊر انڪلوسو فلڊ رسپانس لاءِ ايڪشن پلان جي ترقي جي موضوع تي سمورن لاڳاپيل سرڪاري ۽ خانگي ادارن سان صوبائي سطح جي مذاڪري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي انيس ھارون چيو ته ٽرانس جينڊر لاءِ قانونسازي تي عملدرآمد نه ٿو ڪيو وڃي، تنھن ڪري پاليسيون ڪامياب نه ٿيون ٿين، ٻوڏ ۾ جيترا کدڙا فقير متاثر ٿيا، انھن جي ڪا ڊيٽا موجود نه آهي. سماجي ڀلائي کاتي جي سيڪريٽري شيرين مصطفيٰ چيو ته آرٽيڪل 25 تحت قانون جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، ان جي باوجود کدڙن فقيرن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، انھن جي صحت ۽ نفسياتي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وسيلن جي کوٽ آهي. ٽرانس جينڊر اڳواڻ بنديا رانا چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سماجي ڀلائي کاتي جو ڀرپور تعاون حاصل آھي کدڙن جي نئين ڊيٽا گڏ ڪرڻ تي ڪم ڪري رھيا آھيون، تشدد جي روڪٿام ۽ صحت جي مسئلن تي ڪم جاري آهي سمورن طبقن کي امدادي ڪمن م گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. يو ايس ايڊ صوبائي ڪو آڊينيٽر ڪپيل ۽ ٻين تجويزون ڏنيون ته ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ۽ امدادي پروگرامن ۾ کدڙن جي شموليت يقيني بڻائي سفارشن تي عمل ڪيو وڃي، ان سان گڏ کدڙن جي درست ۽ مڪمل ڊيٽا ۽ ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ کدڙن جي تحفظ جو طريقيڪار طئي ڪرڻ کان سواءِ ضلعي ڪميٽين ۾ کدڙن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي.هنن کدڙن جي صحت، پناھ گاھ ، خوراڪ جي تحفظ تي زور ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.