ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀنگ لاءِ اغوا، ڀتي، فائرنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث لياري گينگ وار جي هڪ اهم جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس ذريعن موجب جوابدار اويس پٽ اسماعيل بلوچ سنگو لائن جو رهواسي ۽ گينگ وار سربراهه عذير بلوچ جو ويجهو ساٿي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار گينگسٽر اويس جو نالو سنڌ پوليس جي ريڊ بڪ ۾ به شامل آهي.پوليس ذريعن موجب جوابدار ڪراچي آپريشن دوران پرڏيهه فرار ٿي ويو هو، جنهن کي ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار کان جاچ جاري آهي.