ڄامشورو ۾ وڌندڙ بدامني ۽ نااھل ايس ايڇ او خلاف رھواسين جو پيادل مارچ

ڄامشورو ( ڊ  ر ) ڄامشورو ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڏينھن رات سري عام ٿيندڙ ڦر واقعن خلاف رھواسي گھرن مان نڪري اچي پيادل احتجاجي مارچ ڪندي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ سخت  نعريبازي ڪندا رھيا ، ان موقعي شھرين سياسي سماجي اڳواڻن ڪامريڊ جوشيلو سنڌي، جبل خان جمالي، متاثر عرض محمد چانڊيو ، علي حيدر چانڊيو ،عبدالخالق  جتوئي، ديدار چانڊيو، اعجاز چانڊيو، محمد علي جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ھنن چيو ته نااھل پوليس جي ڪري سڄي ڄامشورو ۾ بدامني چوٽ چڙھيل آھي ڏينھن توڙي رات جو سري عام ڦر ۽ چوري جون وارداتون ٿي رھيون آھن، پوليس صرف پنھنجي من مستين ۾ پوري آهي، متاثرن جي ڪا واهر ناهي ٿي سگهي، ھنن چيو ته گذريل رات دير سان عرض محمد چانڊيو جي گھر ۾ 3 ھٿياربند داخل ٿي گھرڀاتين کي يرغمال بڻائي سخت تشدد ڪرڻ بعد گھر ۾ پيل 35ھزار روڪ موٽرسائيڪل ۽ موبائيل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.