رهڙڪي (رپورٽ : سنجي شيراڪا) رھڙڪي ڀرسان درگاهه ڀرچونڊي شريف ۾ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جڳهه جي مالڪي تان جهيڙوٿي پيو ٻنهي ڌرين جا چار ماڻهو زخمي ٿي پيا جڏهن ته هڪ کي ڪهاڙي لڳڻ سبب نوجوان منظور ڀٽو جو ڪن ڪپجي پيو، زخمين ۾ حسن ڀٽو، منير ڀٽو، تنوير ڀٽو ۽ منظور ڀٽو شامل آهن، جن کي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ، ٻنهي ڌرين جي، ٻن ڄڻن منظور ڀٽو ۽ گل حسن ڀٽو کي سکر ريفر ڪيو ويو آهي