داد لغاري ۾ سکر بورد پاران امتحاني فيس وٺڻ خلاف احتجاج

داد لغاري ( ن ع آ  ) داد لغاري ويجھو گورنمينٽ ھاءِ اسڪول غلام حيدر لغاري ۾ سکر بورڊ پاران نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي امتحاني فارمن جي  ڳري فيسن خلاف گسٽا تعلقي ڏھرڪي جي صدر استاد قطب الدين لغاري جي  اڳواڻي ۾ ٻانھن تي ڪاريون ٻڌي اسڪول تي ڪارو جھنڊو چاڙھي احتجاج ڪيو، ان موقعي استادن قطب الدين لغاري، محمد ايوب لغاري، عاشق علي سومرو ، ارشاد علي لغاري، عابد علي جوڻيجو ، علي گوھر شر ، درشن لعل ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سکر بورڊ پاران سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھندڙ نائين ۽ ڏھين ڪلاس چي شاگردن جي امتحاني فيس ۾ واڌ ڪري شاگردن سان سراسر انصافي ڪري رھي آھي،  ھڪ طرف سنڌ سرڪار مفت ۾ تعليم ڏيڻ جي دعويٰ ڪري ٿي ته ٻئي پاسي ڳريون فيسون مقرر ڪري شاگردن کي تعليم پرائڻ کان محروم ڪري رھي آھي،  ھن سال خطرناڪ پوندڙ برساتن سبب فصل تباھ ٿي ويا ۽ آبادگار لکين روپين جا قرضي بڻجي ويا آھن، جيڪي پنھجن ٻارن جي فيس ادا نه ٿا ڪري سگھن، جنھن جي ڪري شاگرد سخت پريشان آھن،  جيڪڏھن سنڌ حڪومت نوٽس وٺي شاگردن جي امتحاني فيس معاف نه ڪئي ته  پوري سکر ڊويزن ۾ استادن جي تنظيم گسٽا پاران احتجاجي تحريڪ جي باقائده شروعات ڪنداسون ۽  ان سان گڏوگڏ احتجاج طور نائين ۽ ڏھين ڪلاس جا امتحاني فارم بورڊ ۾ جمع نه ڪرايا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.