خيرپور ۾ سوين شاگردن پاران سکر بورڊ طرفان فيسن ۾واڌ خلاف احتجاجي ريلي

خيرپور(رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو)ناز پائليٽ هاءِ اسڪول، سينٿريزا اسڪول، ڪمپريهنسو هائير سيڪنڊري اسڪول جي سوين شاگردن سکر بورڊ پاران وڌايل فيسن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، شاگرن پاران وڌايل فيسن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي جنهن جي اڳواڻي نثار احمد مري صفير حسين منگي غلام مصطفيٰ رند ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ، جن صحافين کي ٻڌايو ته سکر بورڊ پاران ڏهين ڪلاس جي پيپرن واري فارم جي فيس 2650 ڪري اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، هڪ طرف مهانگائي عوام کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي ته ٻئي طرف وري سکر بورڊ پاران فيس وڌائي شاگردن سان ناانصافي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي بورڊ پاران وڌايل فيس ۾ گهٽتائي ڪئي آهي پر سکر بورڊ ظلم ڪري رهيو آهي، سکر بورڊ پاران وڌايل فيسن واري نوٽيفڪيشن کي اسين شاگرد رد ڪيون ٿا، احتجاج ڪندڙن شاگردن وزير اعليٰ سنڌ تعليم کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ ٻين اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته بورڊ پاران وڌايل فيس گهٽائي اسان شاگردن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا شاگرد ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج جو ڌائرو وڌائيندا جنهن جي زميواري سکر بورڊ تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.