ڌاٻيجي ڀرسان مين هول ۾ ڪريل نينگر جو لاش نه مليو، احتجاج

ملير/ڌاٻيجي (نمائندا)  ڌاٻيجي  لڳ صديق جوکيو ڳوٺ ڀرسان ڪي ڊي اي مين هول ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ ويندڙ 13 سالا نينگري علينا جوکيو جو  لاش گذريل 20 ڪلاڪ گذرڻ باوجود نه ملي سگهيو، ڳوٺاڻن جو واٽر بورڊ ۽ ضلعي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن حاجي عارب جوکيو، امام دين جوکيو، جاني جوکيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گذريل پاڻي ڀريندي ڪراچي واٽر بورڊ جي مين هول ۾ ڪرندڙ معصوم نياڻي جي لاش ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو سميت ضلعي انتظاميا جي ڪن لاٽار ۾ لڳي پئي آھي جنهن سبب معصوم نينگري جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آھي هنن وس واران کان مدد جي اپيل ڪندي چيو ته نينگري جي لاش جي ڳولا ۾ مدد ڪري سندن پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.