ڀارتي بيس بال ٽيم کي سيڪيورٽي عملدارن واهگا بارڊر تي روڪي ورتو

ويسٽ ايشيا بيس بال ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ ڀارتي بيس بال ٽيم کي ڀارتي سيڪيورٽي عملدارن واهگا بارڊر تي روڪي ورتو.

ڀارتي بيس بال ٽيم کي پاڪستان جي ويزا هئڻ باوجود پاڪستان داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

ڀارتي بيس بال ٽيم کي واهگا بارڊر تي چار ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود ڀارتي سرڪار اڃا تائين ڪليئرنس ناهي ڏني.

ٻئي پاسي پاڪستان بيس بال فيڊريشن جي صدر سيد فخر شاهه جو چوڻ آهي ته اسان ڀارتي فيڊريشن سان مسلسل رابطي ۾ آهيون ۽ ڪوشش آهي ته ڀارتي عملدار پنهنجي ٽيم کي جلد ڪليئرنس ڏين .

واضح رهي ته ويسٽ ايشيا بيس بال ڪپ ۾ پاڪستان، سريلنڪا، فلسطين، بنگلاديش، افغانستان ۽ ڀارت جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، ميگا ايونٽ 27 هين جنوري کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.