بجلي بريڪ ڊائون تي وزيراعظم جي قوم کان معافي، حڪومت اصل سبب کان اڃا تائين بي خبر!

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي بريڪ ڊائون واري معاملي تي قوم کان معذرت ڪري ڇڏي آهي،وزيراعظم ٽوئيٽ بيان جاري ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن تي ٿيل بريڪ ڊائون سبب شهرين کي پهچندڙ تڪليفن تي معذرت ڪيون ٿا،وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته بجلي جي بريڪ ڊائون جي جاچ جاري آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي،جڏهن ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ شهباز شريف پاران ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون تي پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو ۽ پڇاڻو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊائون ڇو ٿيو؟ هوڏانهن سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون کانپوءِ ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ لاهور سميت وڏن شهرن جا ڪيترائي علائقا اڃا تائين بجلي کان محروم آهن، پر حڪومت جي دعويٰ آهي ته ملڪ جا سموريون گرڊ اسٽيشنون مڪمل فعال ڪيون ويون آهن، وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته گذريل ڏينهن صبح ساڍي ستين وڳي هڪ ٽيڪنيڪل مسئلو ٿيو جنهن جو مخصوص سبب اسان کي اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو، هن چيو ته ملڪ ۾ تيل جي ڪا به کوٽ ناهي، سڀاڻي تائين انشاءَ الله سڀ ڪجهه مڪمل طور تي بحال ٿي ويندو، هن چيو ته اهو خدشو به ختم ڪرڻ باقي آهي ته هيڪنگ وغيره ذريعي اسان جي بجلي جي ترسيلي نظام ۾ ڪا ٻاهرين مداخلت نه ڪئي وئي هجي، ان جا امڪان تمام گهٽ آهن، پر گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اهڙا ڪجهه واقعا ٿيا جنهن جي ڪري اسان ان امڪان کي رد نٿا ڪري سگهون، هن چيو ته هن چيو ته معمول جي لوڊشيڊنگ جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.