ڏهرڪي انتظاميا پاران سستي اٽي جا اسٽال نه لڳا، فراهمي بند، عورتن جو ڌرڻو

ڏهرڪي ( رپورٽ :  اجيت ڪمار ) ڏهرڪي ۾ انتظاميه پاران سستي اٽي جو اسٽال بند ڪرڻ سبب فلور ملن پاران دوڪاندارن کي پڻ اٽي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب فلور ملن پاران  دوڪاندارن کي اٽي جي فراهمي بند ڪرڻ سبب شهر ۾ اٽي جو بحران شددت اختيار ڪري ويو شهر ۾ اٽي جي کوٽ ۽ انتظاميه پاران سستي اٽي جو اسٽال بند ڪرڻ خلاف اٽو خريد ڪرڻ لاءِ ايندڙ درجني غريب عورتن ۽ ڳوٺاڻن پاران مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميه خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي، جڏهن ته متاثرن ٻن ڪلاڪن تائين روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو ان موقعي تي مائي سگهران،مائي شهزادي،امير بخش،علي حسن ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران اٽي جا ريٽ گهٽائڻ واري اعلان بعد فلور ملز مالڪن شهر ۾ دوڪاندارن کي اٽي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب شهر ۾ دوڪانن تي اٽو 150 روپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، جيڪو خريد ڪرڻ اسان جي وس جي ڳالهه نه آهي، انهن چيو ته سنڌ حڪومت جي حڪم تي هتان جي انتظاميه غريب ماڻهن کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ اسٽال لڳرائي 10 ڪلو وارو اٽي جو بيگ اسان کي 650 روپين ۾ ڏئي رهيا هئا جيڪو پڻ انتظاميه بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ اتي پڻ 650 روپين وارو اٽي جو بيگ 950 روپين ۾ ملي رهيو آهي سستي اٽي جو اسٽال قائم ڪري بيچيني ختم ڪريو، نه ته احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.