آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ ٻن ڏينهن دوران 18 ڄڻا قتل

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾وڌيڪ ست ڄڻا مارجي ويا آهن، ٻن ڏينهن دوران فائرنگ سبب مارجي ويلن جو انگ 18 ٿي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب فائرنگ جو اِهو واقعو ڪيليفورنيا جي شهر هاف مون ۾ پيش آيو جتي هٿياربند ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾  ست ڄڻا مارجي ويا.

ميڊيا رپورٽس موجب فائرنگ سبب مارجي ويلن ۾ چيني آمريڪي فارم ورڪرز شامل آهن جڏهن ته پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو چيني شهري ٻڌايو پيو وڃي.

ان کان اڳ گذريل ڏينهن به ڪيليفورنيا جي ئي شهر لاس اينجلس ۾ مونٽيري پارڪ ويجهو فائرنگ جو هڪ واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن چيني نئين سال جي شروعات جي جشن لاءِ جمع ٿيا،ان واقعي ۾ يارنهن ڄڻا مارجي ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.