لاهور: اسڪول ۾ تشدد جو نشانو بڻجندڙ شاگردياڻي به معطل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڊفينس جي نجي اسڪول ۾ شاگردياڻي جي تشدد جي واقعي کانپوءِ اسڪول انتظاميا واقعي ۾ ملوث 4 ڇوڪرين ۽ متاثر شاگردياڻي کي به معطل ڪري ڇڏيو.

اسڪول انتظاميا معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني انڪوائري ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي کي 10 ڏينهن ۾ انڪوائري مڪمل ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ان حوالي سان اسڪول انتظاميا جو موقف آهي ته شاگردياڻين کي واقعي جي انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين معطل ڪيو ويو آهي، ڪميٽي جي جاچ جي روشني ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.