اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ بابت اڳڪٿين جي ترديد ڪري ڇڏي.
اوگرا ترجمان جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل وڏي مقدار ۾ موجود آهي، ترتيب وار 18 ۽ 37 ڏينهن جي طلب پوري ڪرڻ لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جا ذخيرا موجود آهن.
هن چيو ته پيٽرول جا هڪ لک هڪ هزار ميٽرڪ ٽن رکندڙ سامونڊي جهاز برٿ تي آهن ۽ مقامي ريفائنريز پيٽروليم شين جي گهرج پوري ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.