جيڪب آباد ۾ بجلي جي پول مان مبينا ڪرنٽ ڪري اڻڄاتل شخص فوت

شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي)  جيڪب آباد باءِ  پاس تي بجلي جي پول مان مبينا ڪرنٽ بعد فوت ٿيل اڻڄاتل شخص جو بجلي جي پول ۾ ٽنگيل لاش هٿ علائقي واسين اڻڄاتل شخص جو مڙه بجلي جي پول مان لاهي ضروري ڪاروائين لاء سول اسپتال منتقل ڪيو اهڙي اطلاع بعد پوليس ۽ علائقي جا ماڻهو واقعي واري هنڌ پهتا جتي کيس بجلي جي پول مان ڪرنٽ لڳڻ بعد فوت ٿيل شخص جو مڙه لاٿو ويو هوڏانهن ٻي پاس علائقي ۾ چوٻول آهن ته بجلي جي پول ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل اڻڄاتل شخص آري بليڊ سان رات جي اونداهي ۾ بجلي جي تارن کي ڪٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته اوڇتو بجلي اچي وئي ۽ ڪرنٽ لڳڻ ڪري هو تارن ۾ وچڙي فوت ٿي ويو آهي واقعي واري هنڌ لوهي اوزار آري بليڊ ۽ ٻيو سامان پڻ هٿ آيو آهي جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي مقتول جو مڙه سول اسپتال ۾ پيل آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.