عبدالطيف ڀٽائي جو 342 هونءُ جنم ڏھاڙو عقيدت سان ملهايو ويو

ڀٽ شاھ( رپوٽ ارشاد علي ٻگهيو) ڀٽ شاھ سنڌ ڌرتي جي عظيم بزرگ شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي جو 342 هونءُ جنم ڏھاڙو ڀٽ شاھ ۾ وڏي عقيدت احترام سان ملهايو ويو قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاھ لطيفي پير آف ڀٽ شاھ سيد گدا حسين شاھ لطيفي ثقافت کاتي جي علمدارن رحمت الله راڄڙ مجتبا جوکيو ظفر علي ٻگهيو محبوب علي شاهنواز وساڻ ۽ ٻين پاران ريلي جي صورت ۾ درگاھ تي پهچي ڀٽائي جي مزار تي الڳ الڳ چادرن چاڙھڻ واري رسم ادا ڪئي وئي جنهن بعد جشن ولادت جو ڪيڪ ڪٽيو ويو جنهن ۾ ڀٽائي خاندان جا فرد شاه لطيف فائونڊيشن جا اڳواڻ عقيدت مند پانڌيئڙن شرڪت ڪئي جشن ولادت جي موقعي تي درگاھ ڀٽائي کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو جڏهن ته انتظاميا پاران لاکيڻي لطيف جي جشن ولادت جي موقعي تي سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا جڏهن ته قائم مقام سجاده نشين پاران درگاھ جي احاطي ۾ محفل موسيقي جو پروگرام پڻ منعقد ڪيو ويو جنهن مقامي فنڪارن شاھ ڀٽائي جا ڪلام پيش ڪري محفل کي جهومائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.