وياج شرح ۾ واڌ، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ مهانگائي وڌي پئي:اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي( رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج شرح ۾ سئو پوائنٽون واڌ ڪندي 17 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي، گورنر اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته عالمي سطح تي معاشي ترقي جي تازي اڳڪٿي موجب معاشي ترقي ۾ تنزلي طرف وڌي رهيا آهيون، جنهن جو سبب بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ بي يقيني واري صورتحال آهي، جنهن جا اثر اسان جي مارڪيٽ  تي به پئجي رهيا آهن. اسان جون پرڏيهي فنانسنگ جون ضرورتون وڌيڪ آهن ۽ آمد ۽ روانگي ۾ وڏو فرق آهي. قياس آرائيون ڪرڻ وارا هن فرق کي ڪيش ڪرڻ يعني فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جنهن سب مارڪيٽ ۾ شرح وڌيڪ هوندي آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جائزو مڪمل ٿيندو ۽ رقم ملي ويندي ته مارڪيٽ ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته ڪجهه بئنڪن مٽاسٽا شرح بابت قياس آرائين سبب جنوري کان سيپٽمبر تائين مختلف بئنڪن 100 ارب رپين جو منافعو حاصل ڪيو. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد پريس ڪانفرنس دوران مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي، جنهن کانپوءِ اها 16 مان وڌي 17 سيڪڙو ٿي ويندي. سندس موجب ڪميٽي جو خيال هو ته مهانگائي تي ضابطي لاءِ وياج جي شرح هڪ سيڪڙو وڌائي وڃي، مهانگائي جو زور آهي، قيمت جو استحڪام ضروري آهي. هن چيو قرضن جي ادائيگين سان ناڻي مٽاسٽا جي ذخيرا گهٽ ٿيا آهن، 15 ارب ادا ڪري ڇڏيا آهن، مالي سال جي باقي مهينن ۾ 8 ارب ڊالرن جون ادائيگيون آهن، 3 ارب ڊالر رول اوور ٿي ويندا . جميل احمد ٻڌايو ته 6 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 3.7 ارب ڊالر آهي، هلندڙ مالي سال اسان جي ضرورت 33 ارب ڊالرن جي آهي. اسٽيٽ بئنڪ گورنر چيو ته ڪنٽينر ڦاسڻ جو سبب اسٽيٽ بئنڪ جي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ آهي، ڦاٿل ڪنٽينر ڪڍڻ لاءِ ايسوسيئيشنز کان تفصيل ورتا، ڪنٽينر رليز ڪرڻ جو طريقي ڪار بئنڪن کي ڏئي ڇڏيو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.