عمران خان پاڪستان لاءِ قهر هو:نواز شريف

لنڊن (م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عمران پاڪستان لاءِ قهر هو.لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته عمران خان جي ڳالهين کي ڇڏيو، هن شخص پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن جي هٿان اسان جي ملڪ کي بچائي،عمران خان پاڪستان لاءِ قهر هو.نواز شريف چيو ته عمران خان پاڪستان لاءِ سٺو پيغام نه هو، اهڙن ماڻهن مان نجات حاصل ڪرڻ هر پاڪستانيءَ جي ذميواري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.