عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو نڪاح ٻه ڀيرا پڙهائڻ جو انڪشاف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو نڪاح ٻه ڀيرا پڙهائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

اهو انڪشاف پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي ميمبر ۽ نڪاح پڙهائيندڙ مفتي سعيد خان خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڪيو.

هن چيو ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو نڪاح ٻه ڀيرا پڙهايو ويو، پهريون نڪاح عدت دوران هجڻ سبب فاسد هو، خبر پوڻ تي ٻيو ڀيرو نڪاح پڙهڻو پيو.

سندس چوڻ هو ته پهرئين نڪاح جي موقعي تي بشريٰ بي بي جي عدت مڪمل نه ٿي هئي، مون کي ان کان لاعلم رکيو ويو، پوءِ خبر پوڻ تي نڪاح کي فاسد قرار ڏئي شريعت موجب ٻيو نڪاح پڙهايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.