پاڪستان ۾ جمهوريت ڇو ناڪام ٿئي ٿي؟

سڪندر چنو

جمهوريت قديم يوناني زبان مان ورتل لفظ آهي، جيڪو ”جمهور“ مان نڪتل آهي، ۽ جمهور عوام کي چيو وڃي ٿو. جنهن جو سراسري مطلب اهيو ٿيو ته عوام جي حڪومت. چون ٿا ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جو اندازو ان جي  جمهوري نظام مان باآساني لڳائي سگهجي ٿو. هر هڪ ملڪ جو پنهنجو جمهوري نظام ۽ انداز آهي. ڀارت ۾ بهترين جمهوري نظام آهي يعني پاڪستان کان وڌيڪ. ڀارت جي جمهوري نظام کي بهتر ڇو ٿو چيو وڃي ۽ پاڪستان ۾ هميشه جمهوري عمل ناڪام ڇو ٿو ٿئي؟ سڀ کان پهرين ته جيڪو وزيراعظم چونڊجي ٿو اهو پنهنجن پنجن سالن جو مدو پورو نه ٿو ڪري.

اڳوڻي وزيراعظم کان به پنج سال مڪمل ٿيڻ کان اڳ اقتدار کسي هن کي گهر ڀيڙو ته ڪيو ويو پر اڄ اهو پاڪستان جي رستن ۽ گهٽين ۾ رڙيون ڪري رهيو آهي. عمران خان بابت عام تاثر اهيو گونجنڊو هيو ته هي ڪهڙي به حالت ۾ پنج سال مڪمل ڪندو ڇاڪاڻ ته هن کي گيٽ نمبر چار جي مڪمل حمايت حاصل هئي. اڄ به عوام جي ذهنن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي گيٽ نمبر چار بابت سوال اڀري رهيا آهن. ملڪ ۾ جمهوري نظام جي ناڪامي جو اصل سبب اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت کي سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن به جمهوري نظام مضبوط ٿيڻ وڃي ٿو ته ڪانه ڪا هچ يا عذر ڄاڻائي، ان کي ڪمزور ڪيو وڃي ٿو.

ڳالهه ته حڪومتن جي بار بار تبديل ٿيڻ سان غير ملڪي سرمائيدار پئسو لڳائڻ کان لنوائين ٿا. جنهن سان ملڪي معيشت تي وڏو خراب اثر پوي ٿو ۽ ملڪي ترقي لاءِ شروع ڪيل منصوبا به سياست جي نذر چڙهي وڃن ٿا ۽ پوءِ نئين ايندڙ حڪومت انهن شروع ڪيل منصوبن تي ڪابه توجهه نه ٿي ڏي. ڇاڪاڻ ته افتتاحي تختيون اڳين حڪومتن جون لڳيل جو هونديون آهن. حالانڪه 1973 جي آئين مطابق جڏهن به ڪو آرمي آفيسر حلف کڻندو آهي ته ان ۾ واضح رکيو ويو آهي ته سياست سان ڪوبه تعلق نه هوندو. ۽ سياسي معاملن ۾ ڪابه مداخلت نه ڪندو. الميو اهيو آهي ته 75 سالن ۾ 35 سال صرف مارشلا جي ور چڙهي ويا آهن. اهو به ڏٺو ويو آهي ته سول قيادتون به ملڪ هلائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيون آهن. پاڪستان جي خارجه پاليسي به ڏسڻ ۾ ناڪام اچي ٿي. فيصلا مٿيان ڪن ٿا ۽ قربانيءَ جو ٻڪرو غريب عوام ٿئي ٿو. پرڏيهي پاليسي جا حال اهي آهن جو پوري دنيا ۾ پاڪستان کي دهشت گرد قرار ڏنو وڃي ٿو.

جمهوريت جي ناڪام ٿيڻ جو هڪ ٻيو اهم سبب سٺي ليڊر شپ نه هجڻ آهي. ڪوبه ملڪ تڏهن ترقي ڪري سگهندو آهي جڏهن ان ملڪ جي ليڊرشپ بهتر هوندي آهي. بهترين ليڊرشپ ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. پاڪستان سان ڪجهه اهڙي طرح ٿيو آهي ته جمهوريت جي ڳالهه ڪرڻ وارا ليڊر 1948 ۾ هن دنيا مان هليا ويا. ان کان پوءِ لياقت علي خان کي جمهوري ليڊر ته مڃيو ويندو هيو ان کي به قتل ڪيو ويو. جڏهن کان ملڪ ٺهيو آهي ان ڏينهن کان وٺي ملڪ ۾ جمهوري نظام رائج ڪرڻ ۾ ڏکيائون پيش اينديون رهيون آهن. پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط نه هجڻ جو هڪ ٻيو سبب اهيو آهي ته چند سياسي پارٽيون بار بار اقتدار ۾ اچن ٿيون. جيڪي جمهوريت جي ڳالهه ته ڪنديون آهن پر اهي پردي پويان اسٽيبلشمينٽ جي غلامي هيٺ هونديون آهن. مان سمجهان ٿو ته ان ۾ قصور عوام جو آهي جنهن ۾ سياسي شعور نه اچي سگهيو آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوري نطام مضبوط ڪرڻو آهي ته عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ ضروري آهي. جنهن سان معيشت مضبوط ٿيندي ۽ ان لاءِ ميڊيا کي پڻ جمهوريت جي وڌ کان وڌ پرچار ڪرڻ گهرجي.

ملڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هڪ ته جمهوريت جي مضبوطي ۽ ٻيو ملڪ مان مڪمل طور ڪرپشن جو خاتمو هجڻ لازمي آهي نه ته جمهوريت اڪيلي سر ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي. هن وقت ملڪ ۾ جمهوريت ته آهي پر ڪرپشن سڄي ملڪ جي ادارن کي اڏوهي جيان کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ اها جمهوريت ڪهڙي ڪم جي؟ ان لاءِ ضروري آهي ته ماڻهن کي تعليم طرف وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ معاشري ۾ تعليم بابت جاڳرتا پيدا ڪئي وڃي ته جيئن جمهوريت ۽ تعليم پنهنجون پاڙون مضبوطيءَ سان رسائي بيهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.