بلاول ڀٽو زرداري پاران امتياز جتڪ سان تعزيت جو اظهار

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي يوٿ آرگنائيزيشن بلوچستان جي اڳواڻ امتياز جتڪ سان سندس مامي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس مان جاري تعزيتي بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري امتياز جتڪ جي مامي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پوئينرن کي صبر عطا فرمائي.

او آءِ سي پاران سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت

اسلام آباد(م ڊ)اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه اسٽاڪ هوم سوئيڊن ۾ ترڪي جي سفارتخاني جي سامهون ساڄي ڌر جي انتهاپسندن طرفان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. آچر ڏينهن جده ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽريٽ طرفان سيڪريٽري جنرل جي حوالي سان جاري بيان ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سوئيڊش عملدارن تي زور ڀريو آهي ته اهي ان نفرت انگيز ڏوهه جي جوابدارن خلاف ضروري قدم کڻن،  اهڙي طرح جي ڪاررواين کي ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻ ۽ اسلامو فوبيا سان وڙهڻ لاءِ يڪجهتي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ اضافي جو مطالبو ڪريون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ساڄي ڌر جي انتهاپسندن طرفان بار بار ڪيل ان اشتعال انگيز ڪارروائي مسلمانن کي نشانو بڻايو، سندن مقدس قدرن جي توهين ڪئي ۽ اسلامو فوبيا، نفرت، عدم رواداري ۽ زينوفوبيا جو خطرناڪ مثال قائم ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.