سياسي پارٽين جي مفادن جي جنگ ۾ عوام نشانو بڻيل آهي: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ نئين معاشي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آهي، سياسي پارٽين جي مفادن جي جنگ ۾ پاڪستاني عوام نشانو بڻجي رهيو آهي، اٽي جي مهانگي اگهھ سبب غريب ۽ بيروزگار ماڻهو بک وگهي مري رهيا آهن، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ بدامني، چوري، اغوا ۽ ڦرلٽ جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي آهي بلدياتي چونڊن ۾ حڪومت پئسي، اختيارن ۽ پوليس جو غلط استعمال ڪيو سنڌ اسيمبلي جي تازي ٺهراءُ کانپوءِ پيپلز پارٽي 18هين ترميم کان ھٿ کڻي ورتو آهي، اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي پندرهن سالن کان وٺي سنڌ کي مسلسل ڦريو ۽ تباھ ڪيو آهي ڪرپشن جا ڪيس واپس ورتا ويا ته احتساب تان اعتبار کڄي ويندو سنڌ مان آيل سمورن غير قانوني ڌارين کي وطن واپس موڪليو وڃي ٻوڏ متاثر ٻار ۽ عورتون تڪليف ۾ آهن، ماڻهو سردي ۽ بک وگهي مري رهيا آهن سنڌ ۾ صحت، زراعت، تعليم ۽ گورننس تباهه ٿي وئي آهي، زرعي پيڪيج ڏنو وڃي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي ڊگھي حڪومت ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد کي مڪمل نظرانداز ڪيو پاڪستان جي مسئلن جو حل هڪ منصفانه، شفاف ۽ جمهوري وفاق ۾ آهي معيشت جي بهتري ۽ سنڌ ۽ ملڪ کي خوشحال بڻائڻ لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ھوڏانھن ٽنڊو ڄام جي سياسي سماجي اڳواڻ ٽنڊو ڄام مان بلدياتي چونڊ کٽيندڙ ڪائونسلر  ضمير ڀٽو قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو سان ملاقات ڪري قومي عوامي تحريڪ  شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.