مودي تي بي بي سي جي دستاويزي فلم، ڀارت ۾ پابندي

نئين دهلي (اي پي پي) ڀارت برٽش براڊ ڪاسٽنگ (بي بي سي) جي هڪ دستاويزي فلم کي نشر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ 2002ع جي گجرات فسادن  دوران وزيراعظم نريندر مودي جي قيادت تي سوال اٿاريو ويو هو. برطانوي خابرو داري موجب ڀارتي حڪومت جي مشير ڪنچن گپتا ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو ته مودي تي بي بي سي جي دستاويزي فلم جي ڪلپس کي شيئر ڪرڻ کان روڪڻ جون هدايتون ملڪ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي قانونن تحت حڪومت کي دستياب هنگامي طاقتن جو استعمال ڪندي جاري ڪيون ويون آهن،  گپتا چيو ته جيتوڻيڪ بي بي سي ان دستاويزي فلم کي هندستان ۾ نشر نه ڪيو آهي، پر هي وڊيو ڪجهه يوٽيوب چئنلز تي اپ لوڊ ڪئي وئي هئي، هن ٻڌايو ته ڀارتي حڪومت ٽوئيٽر کي دستاويزي فلم جي وڊيو سان جڙيل 50 کان وڌيڪ ٽوئيٽس کي بلاڪ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن ۽ يوٽيوب کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو وڊيو جي ڪنهن به اپ لوڊ کي بلاڪ ڪري، يوٽيوب ۽ ٽوئيٽر ٻنهي هدايتن جي تعميل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.